سـولـنگـي، مـنٺـار

سـولـنگـي، مـنٺـار

منٺار سولنگي

منٺار سولنگي : نـاليـوارو شـاعـر ۽ اديـب، منٺار سولنگي ولد غلام مرتضيٰ سولنگي، 15 جون 1967ع تي نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول نئين ديري ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول نئين ديري مان حاصل ڪئي. بي. اي ۽ ايم. اي (سنڌي) شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان ڪيائين. منٺار سولنگيءَ شاعريءَ جي شروعات 1980ع ڌاري ڪئي، جنهن بعد سندس لکڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿينديون رهيون. هو شاعريءَ ۾ استاد بخاري ۽ آثم ناٿن شاهيءَ کان متاثر هو. هن نئين ديري ۾ ’بزم آثم‘ به قائم ڪئي. اڳتي هلي روينيو کاتي ۾ تپيدار ٿيو. آخر تائين ان ئي کاتي سان وابسته رهيو. منٺار سولنگي، سنڌي ادبي سنگت شاخ نئين ديري جو سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت ضلعي لاڙڪاڻي جو رابطا سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو 92-1993ع دوران مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري رهيو، جڏهن ادل سومرو سنگت جو سيڪريٽري جنرل هو. کيس 2001ع ۾ ڌاڙيلن نئين ديري ويجهو حسين بخش ناريجي سميت اغوا ڪيو هو. حسين بخش ناريجو جلد واپس ٿيو، پر هيءُ ڪيترو عرصو ڌاڙيلن جي چنبي ۾ رهيو. منٺار سولنگيءَ ٻارن لاءِ به ڪافي شاعري ڪئي آهي. هو جديد سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جو هڪ برجستو نالو آهي، جنهن ڀرپور تخليقي صلاحيتن سان سنڌي ادب سرجيو. سندس ٻاراڻي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’آءٌ به جيڪر پڙهڻ وڃان ها‘ شايع ٿي چڪو آهي. ان کان سواءِ هن هڪ ڪتاب ’نئون ديرو- نوان ۽ پراڻا ورق‘ پڻ ترتيب ڏئي ڇپايو هو. منٺار جي رهيل شاعري ۽ نثري مواد ڪتابي صورت ۾ سندس پونيرن وٽ پيل آهي. منٺار سولنگي، دل جي دوري سبب نئين ديري ۾، 18 جنوري 2011ع تي وفات ڪئي.


لفظ منٺار سولنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.06.15  عيسوي

نـاليـوارو شـاعـر ۽ اديـب، منٺار سولنگي ولد غلام مرتضيٰ سولنگي، 15 جون 1967ع تي نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.


2011.01.18  عيسوي

منٺار سولنگي، دل جي دوري سبب نئين ديري ۾، 18 جنوري 2011ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اختر انصاري اڪبرآبادي
بسمل ٽکڙائي
بسنت ڪمار تياڳي
ادل سولنگي
راشد مورائي
سيد فتح الدين شاهه
بهرو ڇاٻڙيا بيوطن
اقبال بلوچ
الطاف عاصي ڊاڪٽر
الطاف عباسي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون